پير غيبي جو مقبرو

پير غيبي جو مقبرو

پير غيبي

پير غيبي (مقبرو ):ٿاڻي بولاخان، ضلعي ڄامشوري جي ديهه ڪرچات ۾ هي مقام ۽ مقبرو موجود آهي، جنهن کي مقامي ماڻهو ’غيبي پير‘ جي نالي سان سـڏيـن ٿـا. هـي مقبـرو ٿـاڻـي بـولا خـان کـان ڪرچات ويندڙ رستي کان هڪ ڪلوميٽر اوڀر ۽ نئـن بـارڻ کـان اڌ ڪلوميٽر اُتر ۽ ڪرچات کان 12 ڪلوميٽرن جي دوريءَ تـي آهـي. هـن مقبري جي گنبذ جو رنگ هن وقت سائو آهي ۽ گنبذ جي بناوت بلڪل ميان نصير محمد ڪلهوڙي ڳاڙهي واري جي مقبري جهڙي آهي. چوڌاري موجود قبرستان ۾ ڪجهه سينگاريل گهاڙيون به آهن. هي مقام چوڏهين صدي عيسويءَ چيو وڃي ٿو ۽ تقريباً ڏهن ايڪڙن تي پکڙيل آهي. پير غيبي لاءِ مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته هن بزرگ جو نالو فقير رضا محمد هو، ۽ هو ذات جو باريجو هو، قلندر شهباز جي فقيرن مان آهي. پاڻ اصل بلوچستان مان اچي هتي برفتن مان شادي ڪئي هئائين. وڌيڪ سندس ڪو به مستند احوال ڪو نه ٿو ملي.


لفظ پير غيبيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو